ستاوڙ ست وڙي

ستاوڙ/ ست وڙي: هيءَ هڪ ول آهي، جنهن کي اردوءَ ۾ اُلٽي ڪنڊي ۽ لاطيني ۾ اسپريگَس (Asparagus Demosus) چئبو آهي. هيءَ ول سنڌ ۾ کيرٿر جي پهاڙن ۾ اُڀري ٿي. ان کان سواءِ پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي گرم ۽ خشڪ علائقن ۾ به ٿئي ٿي. اوائلي دؤر ۾ هن جي پاڙن کي ٽهڪائي ماتا جي مريض تي ڇنڊا هنيا ويندا هئا. حڪيم هن جو ٻج پيٽ جي بيمارين ۽ جگر جي سوزش لاءِ استعمال ڪندا آهن، جنهن جو عرق پيشاب جاري ڪري ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو